علياڻي بهادر خان

علياڻي، بهادر خان: ميان عطر خان ڪلهوڙي جي دور ۾ جڏهن کانئس حڪومت هلي نه سگهي، تڏهن ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، بهاولپور رياست جي حاڪم محمد مبارڪ خان جي مدد سان سنڌ تي ڪاهه ڪئي. رستي ۾ خان علياڻي'>بهادر خان علياڻي، ميان غلام شاهه سان مقابلو ڪيو، پر شڪست کائي گهر هليو ويو. خان علياڻي'>بهادر خان علياڻي کي تڪبر هوندو هو، ميان غلام شاهه 1170هه/1758ع ۾ روهڙي وٽ پهتو ته ميان عطر خان ۽ سندس لشڪر ۾ لڙائي لڳي. ميان عطر خان شڪست کاڌي ۽ احمد يار خان ڪلهوڙي سان روهڙي مان وڃي قلات پهتو.
ميان غلام شاهه ۽ سندس ڀائرن ميان عطر خان ۽ احمد يار خان ۾ اقتدار تان ڪافي لڙائيون ٿيون. ميان عطر شڪست کانپوءِ بهاولپور جي اولاهين حصي جي سردار خان علياڻي'>بهادر خان علياڻي وٽ وڃي پهتو، جيڪو سندس گهاٽو دوست هو. بهادر خان هڪ دفعو پهرين به ميان غلام شاهه سان جنگ ڪري چڪو هو، وري ميان عطر خان اچي مدد گهري ته هي ٻيهر جنگ لاءِ تيار ٿي ويو. هن جو حامي اختيار خان مدواڻي پڻ هن سان گڏ هو. بهادر خان علياڻيءَ کي بهاولپور رياست جي حاڪم امير محمد مبارڪ خان ڪافي سمجهايو، پر هي ڪو نه مڙيو ۽ هر حال ۾ عطر خان جي مدد جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هئائين. خان علياڻي'>بهادر خان علياڻي لشڪر تيار ڪري لڙائيءَ لاءِ سنڌ ڏانهن وڌڻ لڳو، هن سان گڏ ميان عطر خان، ميان احمد يار ۽ اختيار خان مدواڻي هئا. هوڏانهن ميان غلام شاهه به لشڪر وٺي روهڙيءَ کان ميرپور جي طرف وڌيو. اتان ٿورو اڳڀرو وڌي اوٻاوڙي ۾ پهتو ته سندس سامهون خان علياڻي'>بهادر خان علياڻي لشڪر سميت موجود نظر آيو. ٻنهي ڌرين ۾ سخت لڙائي لڳي، ميان غلام شاهه جو چڱو خاصو لشڪر مارجي ويو پر ان هوندي به پاڻ لشڪر کي همت ڏياري وڙهندو رهيو، جنگ دوران خان علياڻي'>بهادر خان علياڻي اچانڪ تنبوءَ مان نڪري اڳتي وڌي آيو ته باهو نالي هڪ افغان کيس سڃاڻي وٺي گوڙ ڪيو، جنهن تي ميان صاحب جي لشڪر مان گولين جو وسڪارو شروع ٿي ويو ۽ ٻه گوليون بهادر خان کي لڳيون، ميان صاحب جي لشڪر مان ڪنهن ماڻهو هن جي سسي وڍي وڃي ميان غلام شاهه کي پهچائي انعام حاصل ڪيو. بهادر خان علياڻيءَ جي مارجي وڃڻ کانپوءِ سندس لشڪر ڇڙوڇڙ ٿي ويو. سندس لاش ميان غلام شاهه پنهنجي ملازم ڪبير خان علياڻي (بهادر خان جي ڀاءُ) جي حوالي ڪيو. بهادر خان جو ٻيو ڀاءُ قائم خان علياڻي ميان عطر خان، ميان احمد يار خان ۽ اختيار خان کي وٺي جنگ جي ميدان مان ڀڄي ويو. هيءَ جنگ ‘اوٻاوڙي جي لڙائي’ جي نالي سان مشهور آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو